عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان

عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان

عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان

عبدالحڪيم صديقي ‘ڀائيخان’: سنڌي اردو فلمن جي مشهور فلمسازي هدايتڪار عبدالحڪيم صديقي ‘ڀائيجان’، اي. ايڇ. صديقيءَ جي نالن سان مشهور ٿيو. سندس جنم هندستان جي اتر پرديس ۾ ٿيو. ورهاڱي سبب 1947ع جي آخر ۾ مائٽن سان گڏ لاهور آيو. هن ابتدائي تعليم به هندستان ۾ ورتي. اسڪول جي زماني ۾ دهلي ريڊيو سان سلهاڙيل رهيو، جتي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. لاهور اچڻ بعد نامور هدايتڪار نذير سان سندس ملاقات ٿي. جنهن جي مدد سان فلمن جي دنيا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين. هن ڪيترن نامور هدايتڪارن: فضل ڪريم فضلي، دائود چاند، شوڪت حسين رضوي، ايم جي رانا ۽ نجم نقويءَ سان گڏ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو. 1955ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آيو ۽ سندس هدايتن ۾ پهرين اردو فلم ‘اور ڀي غم هين’ رليز ٿي. جنهن بعد ‘انصاف’ فلم ٺاهيائين. جنهن ۾ نيلو هيروئن ٿي. هيءَ فلم ڪراچي سرڪٽ جي پهرين سپر هِٽ فلم هئي. سندس ٻين مشهور فلمن ۾ ‘ڇوٽي بهن’، ‘اڪيلي نه جانا’، ‘لاڊلا’، ‘خوش نصيب’، ‘پئسا بولتا’ هي قابل ذڪر آهن. هن ورهاڱي بعد سنڌي فلمن ۾ دلچسپي ورتي ۽ سنڌي فلم کي عروج تي پهچايو. هدايتڪار طور سندس مشهور سنڌي فلمن ۾
‘مٺڙا شال ملن’، ‘جيجل ماءُ’، ‘رت جا رشتا’، ‘ڌرتي لال ڪنوار’؛ فلمساز طور ‘مٺڙا شال ملن’، ‘هو جمالو’، ‘ڪارو ماڇي’، ‘طوفان’، ‘جانو ڌاڙيل’ قابل ذڪر آهن. هن ٻن سنڌي فلمن ‘نئون صبح’ ۽ ‘رت جو ريج’ ۾ فلمساز طور پڻ ڪم ڪيو. پر اهي رليز ٿي نه سگهيون. نامور اديب محمود مغل پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ ٽاڪيز’ ۾ سندس ذڪر پڻ ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو